ظفر علي لغاري

ظفر علي لغاري

ظفر علي لغاري

ظفر علي لغاري: مشھور سياستدان حاجي ظفر علي لغاري ولد پريل خان لغاري سيتا روڊ تعلقي خيرپور ناٿن شاهه، ضلعي دادوءَ ۾ جنم ورتو .پرائمري تعليم سيتا روڊ مان حاصل ڪئي. پوءِ انگريزي ۾ داخلا ورتي ۽ مئٽرڪ پاس ڪرڻ کان پوءِ گريجوئيشن سنڌ يونيورسٽيءَ مان ڪئي. هن سياست جي شروعات پيپلزپارٽي ۾ شموليت سان ڪئي. پيپلزپارٽي ضلعي دادوءَ جو صدر رهيو .حاجي ظفر علي لغاري صوبائي ۽ قومي اسيمبلي جو ميمبر به رهي چڪو آهي. ان کان علاوه صوبائي ۽ وفاقي وزير ريلوي به رهيو .هن سيتا ۾ ڪيترائي ترقياتي ڪم ڪرايا آهن. 2013ع کان سياست کان ڪناره ڪشي اختيار ڪئي. جڏهن ته سندس پٽ عمران ظفر علي هن وقت سندس جاءِ ته سياست ۾ متحرڪ آهي. حاجي ظفر لغاريءَ پنهنجي ايامڪاريءَ ۾ ڪيترن ئي بيروزگار نوجوانن کي روزگار ڏنو. 1983ع ۾ 1986ع جي ايم .آر .ڊي تحريڪ ۾ ڀرپور حصو وٺندي جيل به ويو. حاجي ظفر علي لغاري ڀُٽي صاحب جو شيدائي هو ۽ بينظير صاحبه جو به مٿس اعتماد ۽ ڀروسو هو.ظفر علي لغاري 4 جون 2021ع تي وفات ڪئي.


لفظ ظفر علي لغاريھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو